حاجي سومرو درويش

حاجي سومرو درويش: حاجي سومرو ارغون دؤر جو مشهور درويش ٿي گذريو آهي. ’تحفته الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته: ”درويش حاجي سومرو چاچڪن جي سرڪار جي هڪ نالي واري جون پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ جو رهواسي هو. هن سنڌ جي نامور عالمن مخدوم نوح، اسماعيل چاڪي، سيد رڪن الدين ۽ سيد عبدالڪريم جي صحبت ۾ رهي گھڻو فيض پرايو. هيءُ وڏو اهل الله درويش هو. حاجي سومرو روحاني فيض في سبيل الله ڏيندو هو. انهي ڪري سندس سوين ماڻهو مريد هوندا هئا


هن صفحي کي شيئر ڪريو